APP77-18 TORKHAM: September 18 - Prime Minister Imran Khan unveiling the inaugural plaque for Round the Clock Operationalisation of Torkham Border Terminal in Torkham, District Khyber. APP

پشاور – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان بارڊر طورخم تي 24 ڪلاڪ ڪراسنگ ٽرمينل جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار کي سگهه ملندي. وزيراعظم عمران خان طورخم بارڊر تي 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندڙ انيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جو ڪالهه اربع ڏينهن باضابطا افتتاح ڪرڻ جي لاءِ ڦيٿو ڪاٽيو جنهن سان اميگريشن جي سهولتن ۾ آساني ٿيندي، ان کانسواءِ ان سان واپاري سرگرمين ۾ پڻ اضافو ٿيندو.