APP59-16 ISLAMABAD: September 16 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting to review progress on New Balakot City Project at PM Office. APP

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيو بالاڪوٽ سٽي پراجيڪٽ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ان سان واڳيل ڪليمز جي مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، نئون شهر پنهنجي پرڪشش جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري علائقي ۾ سياحت جي فروغ جو ذريعو بڻجندو. هو نيو بالاڪوٽ سٽي پراجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.