APP33-13 ISLAMABAD: September 13 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting regarding legal reforms. APP

اسلام آباد – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قانوني سڌارن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وزير عوام جي ڀلائي خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن، ٻارن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٻين اهم معاملن بابت ڪيل قانوني سڌارن تي بريفنگ ڏني.