APP49-13 ISLAMABAD: September 13 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing the Kashmir Solidarity Rally. APP

اسلام آباد – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پنهنجي زور تي ناز ڪندڙ مودي هڪ ڪلاڪ جي لاءِ والاريل ڪشمير مان ڪرفيو هٽائي ڏيکاري کيس خبر پئجي ويندي ته ردعمل ڪنهن کي چئبو آهي. هو ڊي چوڪ ۾ ڪشمير ساليڊريٽي موومينٽ (ڪي ايس ايم) جي اهتمام هيٺ يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪري رهي هئي.