APP69-17 ISLAMABAD: September 17 – President Dr. Arif Alvi addressing the launching ceremony of Project Am’aan at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته منشيات جي استعمال سان نه رڳو ماڻهو پر خاندان ۽ معاشري تي سنگين اثر پون ٿا، ماڻهن کي منشيات کان بچائڻ جو بهترين طريقو ان جي اسمگلنگ روڪڻ آهي، حڪومت منشيات جي روڪٿام لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مصنوعي ذهانت جي مقامي طور تي تيار ڪيل منصوبي ”امان“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.