APP06-16 ISLAMABAD: September 16 - Envoys-Designate Of New Zealand, Cyprus, Venezuela, Croatia and Ghana presenting their credentials to President Dr. Arif Alvi at the Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي فاشسٽ قيادت جي هٿان مصيبتن جو شڪار والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري، ڀارتي حڪومت جي انتهاپسند ۽ اشتعال انگيز سوچ عالمي امن کي خطري جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اها ڳالهه هن نيوزي لينڊ، قبرص، وينز ويلا، ڪروشيا ۽ گهانا جي غير مقيم نامزد سفيرن/هاءِ ڪمشنرز سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيو.