APP16-10 GENEVA: September 10 - Foreign Minister of Pakistan, Makhdoom Shah Mahmood Qureshi met with Dr. Tedros Adhanom Ghebreyesus, Director General World Health Organization (WHO) called upon him to play role in providing basic health needs to the 15 million Kashmiris of the Indian Occupied Jammu and Kashmir. APP

جنيوا – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صحت جي عالمي اداري کان لکين معصوم ڪشميرين جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه جنيوا ۾ جاري انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس سان ملاقات ۾ چئي.