APP39-19 ISLAMABAD: September 19 – Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing the audience at the oath taking Ceremony of Parliamentary Reporters Association (PRA) at Parliament House on Thursday. Special Assistant to PM for information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan is also present on the occasion. APP

اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته جمهوريت کي ڪو به خطرو نه آهي تنهن هوندي به اها ارتقائي عمل مان گذري رهي آهي، ملڪ ۾ جمهوريت انهي وقت مضبوط ٿيندي جڏهن سياسي پارٽين جي اندروني چونڊون ٿينديون، ميڊيا ٽربيونل جو مسودو جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندو ته صحافين جي نمائندن کي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي، ڪو به اهڙو قانون نه بڻجندو جنهن سان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جا مفاد مجروح ٿين. پارليامينٽ هائوس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي آر اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي.