APP33-12 ISLAMABAD: September 12 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Ease of Doing Business in Construction Sector. APP

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جي فروغ لاءِ ضروري آهي ته ان کي باقاعده صنعت جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن شعبي سان واڳيل ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهجن، لينڊ ڪورٽس قائم ڪرڻ سان زمين سان لاڳاپيل مسئلن کي جلد حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اڏاوتن جي شعبي ۾ ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.