APP19-12 SIALKOT: August 12 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing to media persons at Sialkot Working Boundary. APP Photo by Muhammad Munir Butt

سيالڪوٽ/اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سامهون ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو، عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بي يارو مددگار ڪشميرين جي مدد ڪئي پئي وڃي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب وڏي عرصي کان حل طلب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو.