اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ معاشي ٽيم جي ٻين ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ معيشت جي بهتري جي حوالي سان تفصيلي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.