APP36-24 LAHORE: August 24 - Special Assistant to Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan and Governor Punjab Ch Sarwar addressing a Joint Press Conference at Governor House. APP photo by Ch Mubarak Ali

لاهور – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي قوم کي خطاب ڪندو، جيڪڏهن ڀارت جنگ شروع ڪئي ته پاڪستان ان کي ختم ڪندو پر پاڪستان اڳرائي ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪندو پر جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ته ٻار ٻار پاڪ فوج سان گڏ بيهي ان جنگ کي دهلي ۾ ختم ڪندو، وزيراعظم عمران خان سفارتي محاذ تي عالمي قيادت کي ڪشمير جي اصل مسئلي کان روشناس ڪيو آهي، هن ڪشمير ڪاز کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ فوڪل گروپ جوڙيو آهي جيڪو پنهنجون ترجيحون طئي ڪري ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان عالمي برادري، عالمي تنظيمن، عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي مائنڊ سيٽ طرف ڌيان ڇڪرائي رهيو آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.