APP36-16 ISLAMABAD: July 16 – Outgoing Ambassador of European Union to Pakistan, Jean Francois Cautain paying farewell call on President Dr. Arif Alvi at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار جو موجوده ماپو انهن جي حقيقي صلاحيت سان هم آهنگ نه آهي، ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ”جي ايس پي پلس“ اسڪيم کي پنهنجي معيشت جي بهتري ۽ اقتصادي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تعيمري رابطا تصور ڪندو آهي. هن اها ڳالهه يورپي يونين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جين فرينڪوئس ڪوتين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.