APP32-16 ISLAMABAD: July 16 – Special Assistant to Prime Minister for Information & Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan, Federal Minister for Communications Murad Saeed, Adviser to Prime Minister for Climate Change Malik Amin Aslam addressing a press conference. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گذريل 10 سالن دوران هڪ مقروض ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ممنون حسين، اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسي جي سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ ڪئمپ آفيسز تي عوام جي پئسي کي بيدردي سان خرچ ڪرڻ جي روش تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انهن حڪمرانن جي عياشين ۽ شاهاڻي خرچن تي استعمال ٿيندڙ عوام جي ٽيڪس جي پئسي جي وصولي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو.