APP29-12 ISLAMABAD: July 12 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of Board of Directors of Board of Investment at PM office on Friday. APP

اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين کي ڪاروبار جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي قانونن کي هم آهنگ ۽ جامع بڻائڻ جو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سيڙپڪاري بورڊ طرفان پيش ڪيل سفارشن جي روشني ۾ لاڳاپيل قانونن کي صوبن جي سهڪار سان وڌيڪ آسان بڻايو وڃي ته جيئن غير ضروري شرطن کي ختم ڪري سگهجي. هن اها هدايت سيڙپڪاري بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.