APP08-13 ISLAMABAD: July 13 - Federal Minister for Planning, Development and Reforms Makhdoom Khusro Bakhtiar and Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a joint press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عدالت جواب ڏيڻ جي لاءِ مناسب فورم آهي، مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي ورڪرز ڪنوينشنز کي استعمال ڪرڻ بدران عدالتن ۾ جواب ڏيڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس ڪندي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي عدالتون جواب ڏيڻ جي لاءِ مناسب فورم آهن ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت پنهنجي معاملن جي جوابدهي لاءِ ورڪرز ڪنوينشنز کي استعمال ڪرڻ بدران عدالتن ۾ جواب ڏي.