APP33-12 ISLAMABAD: July 12 – A high level delegation of leading Chinese Investment companies calls on Prime Minister Imran Khan at PM Office on Friday. APP

اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، سي پيڪ منصوبي تحت مختلف شعبن ۾ طئي ٿيل منصوبن کي عملي جامو پارائڻ اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه چيني ڪاروباري برادري جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ 55 کان وڌيڪ مختلف چيني ڪمپنين جا سربراهه شامل هئا، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، منصوبابندي وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين زبير گيلاني، ايف بي آر جو چيئرمين شبر زيدي ۽ ٻيا شامل هئا. پاڪستان ۾ چين جو سفير به ملاقات ۾ موجود هو.