APP07-13 ISLAMABAD: July 13 - Federal Minister for Planning, Development and Reforms Makhdoom Khusro Bakhtiar and Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a joint press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت سمورا منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ صنعت، زراعت ۽ سماجي ۽ اقتصادي شعبن جي ترقي لاءِ گڏيل تعاون جو فروغ شامل آهي، چين هڪ تمام وڏي اقتصادي طاقت بڻجي چڪو آهي، دنيا جي عالمي واپار ۾ چين جو حصو 4 کرب ڊالر کان وڌيڪ آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو ٻيو مرحلو شروع ڪري رهيا آهيون. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.