لندن – 19 جون (اي پي پي) 12 هين آئي سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي 6 هين ميچ 23 جون تي ڏکڻ آفريقا خلاف لندن ۾ کيڏڻ جي تياري لاءِ پاڪستان ٽيم ڀرپور ٽريننگ ۾ مصروف آهي. انگلينڊ ۾ هلندڙ ميگا ٽورنامنٽ ۾ شريڪ ٽيمن وچ ۾ عالمي ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ زبردست جنگ جاري آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجو ڇهون ۽ اهم ميچ 23 جون تي ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏندي.