APP30-12 ISLAMABAD: June 12 - Adviser to PM on Finance, Revenue and Economic Affairs Dr. Hafeez Shiekh, Federal Minister for Planning, Development and Reform Khusro Bakhtiar, Minister for Power Omar Ayub Khan, Minister of State for Revenue Hammad Azhar and Chairman Federal Board of Revenue (FBR) Syed Shabbar Zaidi jointly addressing a post budget press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مشڪل معاشي حالتن جي باوجود حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، معاشري جي غريب طبقن جي لاءِ بجيٽ کي 100 ارب رپين مان وڌائي 191 ارب رپيا، ترقياتي بجيٽ 550 ارب رپين کان وڌائي 950 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. خيبر پختونخواه ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن، گهٽ ترقي يافته علائقن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو.