APP41-22 RAWALPINDI: June 22 - Prime Minister Imran Khan receiving Amir of Qatar HH Sheikh Tamim Bin Hamad al Thani upon arrival at Nur Khan Base. APP

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان نور خان ايئربيس تي قطر جي امير جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد پڻ قطر جي امير سان گڏ هو. نور خان ايئربيس تي ٻارن معزز مهمان کي گلدستو پيش ڪيو جڏهن ته کيس 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي.