APP03-01 MAKKAH: June 01 – Prime Minister Imran Khan addressing at the 14th Islamic Summit in Makkah-Al-Mukarramah. APP

مڪه مڪرمه – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي عالمي سطح تي اسلام جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍڻ جي سازش کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مڪه المڪرمه ۾ تنظيم جي 14 هين اسلامي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي هن مسلمانن جي عالمي فورم تي زور ڏنو ته اهو مسلمانن جي حقن ۽ انهن جي مذهبي جذبن جي تحفظ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري.