تهران – 03 جون (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان عباس موسوي امريڪي پرڏيهي وزير کي چيو آهي ته اسلامي جمهوريه ايران لفظي جادوگري ۽ ڳجهي ايجنڊا جي نين شڪلن ۾ اظهار تي ڪو ڌيان نه ٿو ڏئي، جيڪا شيءِ اهم ۽ ڌيان جي قابل آهي اها امريڪا جي عام حڪمت عملي ۽ ايراني قوم بابت ڪردار آهي. ايران جي نيم سرڪاري خابرو اداري مهر مطابق ترجمان چيو ته ”مائيڪ پومپيو ايران تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وجهڻ تي زور ڀري رهيو آهي.