ڪرائسٽ چرچ – 14 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش نيوزيلينڊ جي دوري دوران ڪرائسٽ چرچ جي مسجد النور جو دورو ڪيو. النور مسجد ۾ 15 مارچ تي هڪ دهشتگرد حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 نمازي شهيد ٿيا هئا. هن مسجد جي ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته هو هڪ اهڙو عالمي منصوبو جوڙڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي.