APP63-13 ISLAMABAD: May 13 - Prime Minister Imran Khan addressing in National Assembly at Parliament House. APP

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به صوبو هجي يا ان جو ڪو حصو، گهٽ ترقي يافه علائقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ سان احساس محرومي ختم ٿيندي، سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان اڳوڻي فاٽا جي سيٽن جي تعداد ۾ اضافي جو فيصلو خوش آئنده آهي، ان سان اڳوڻي فاٽا جي عوام کي اهو احساس ٿيندو ته انهن جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، قومي مالياتي ڪميشن ۾ فاٽا کي 3 سيڪڙو اضافي حصو ڏيڻ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ٿيندڙ قبائلي ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2019ع تي بحث سهيڙيندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي گهڻي خوشي ٿي آهي ته فاٽا جي حوالي سان ان اهم آئيني ترميم جي سڄي ايوان حمايت ڪري رهيو آهي.