APP21-14 ISLAMABAD: May 14 – President Dr. Arif Alvi talking to a delegation of Institute of Chartered Accountants of Pakistan (ICAP) who called on him. APP

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا ۽ صارفين جي وڌندڙ طلب جي ڪري اڪائونٽنٽس ۽ اڪائونٽنگ جي خدمتن جي تمام گهڻي ضرورت هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي اي پي) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.