APP71-16 ISLAMABAD: May 16 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on Youth Affairs at PM Office. APP

اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوان جي فلاح ۽ ڀلائي جي سلسلي ۾ موجوده حڪومت جي ويزن جي عملي جامو پارائڻ لاءِ هڪ جامع پروگرام ”وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام“ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هو ”وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام“ جي سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. خصوصي معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم عمران خان کي ”وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام“ ۽ ان جي تحت نوجوانن لاءِ کنيل مختلف قدمن تي بريفنگ ڏني.