APP04-17 ISLAMABAD: May 17 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing the employees her visit to Associated Press of Pakistan. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان روايتي سياستدانن جي طرح وچولي مدي واري پاليسين بدران هڪ حقيقي اڳواڻ جي حيثيت سان ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي واري پاليسين تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ ادارن ۾ سڌارا، معيشت جو استحڪام ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح حاصل آهي. هو قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شفقت جليل، اي پي پي جي ايم ڊي طارق محمود خان، ڊائريڪٽر نيوز شفيق قريشي، اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر شهزاد علي اڪبر سميت اي پي پي ملازمن جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو.