APP65-13 ISLAMABAD: May 13 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan in a meeting with H.E. Ms. Margaret Adamson, Australian High Commissioner to Pakistan. APP

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هن ملڪ جو چهرو آهي، وزيراعظم ملڪ جي مختلف ادارن ۽ شعبن ۾ بهتري جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ حڪومت ۽ عوام جي سطح تي مضبوط ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا انفارميشن ۽ ڪلچر جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي بنيادي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، پاڪستان ۾ جهڙي طرح ميڊيا مڪمل آزادي سان ڪم ڪري رهي آهي ان جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار آسٽريليا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر مارگريٽ ايڊمسن سان ملاقات ۾ ڪيو.