APP38-19 ISLAMABAD: May 19 - Prime Minister Imran Khan meeting a delegation of leading businessmen. APP

اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناليوارن واپارين جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات اٽڪل 3 ڪلاڪن تائين جاري رهي. وفد ۾ سڄي ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار جا نمائندا ۽ معاشي ماهر شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي صورتحال، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ موجوده مارڪيٽ جي صورتحال ۽ مستقبل جي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.