APP55-07 ISLAMABAD: May 07 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of the Federal Cabinet at PM Office. APP

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ڪابينا پاڪستان جي سعودي عرب ۾ افرادي قوت جو جائزو وٺڻ ۽ آذربائيجان سان زراعت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي، وزيراعظم ڪفايت شعاري ۽ سادگي مهم تحت سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ مخصوص انٽرٽينمينٽ اينڊ گفٽ بجيٽ جي خاتمي، اقبال اڪيڊمي جي لاءِ بورڊ آف گورنرز، ڪراچي ٽيڪسيشن اينڊ اينٽي اسمگلنگ جج جي مقرري ۽ وزيراعظم عمران خان جي واعدي موجب پاڪ چائنا يونيورسٽي آف انجنيئرنگ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي.