APP76-13 ISLAMABAD: May 13 – Prime Minister Imran Khan addressing Parliamentarians at PM Office. APP

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت جو رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، عوامي ۽ قومي مفاد سياسي مفادن کان وڌيڪ آهن، تحريڪ انصاف جن سڌارن جو واعدو ڪيو هو انهن کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پارٽين جي پارليامينٽ ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.