اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن جي بدانتظامي ۽ بدعنواني سبب ملڪ معاشي بحران جو شڪار ٿيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي سڌارن واري پروگرام جي ذريعي معاشي چئلينجن تي جلد ضابطو آڻي وٺندي ۽ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف گامزن ٿيندو، احساس پروگرام کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي، ان ڏس ۾ موجوده بجيٽ 100 ارب روپين مان وڌائي 180 ارب روپيا ڪئي ويندي. هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي سياست کي نه پر سدائين پاڪستان جي مفاد کي مٿانهون رکيو.