APP36-19 SIALKOT: May 19 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing to media persons after inaugurating sui gas project. APP Photo by Muhammad Munir Butt

سيالڪوٽ – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته افطار ڊنر جي آڙ ۾ مُڪ مڪا جي لاءِ چور دروازو ڳوليو پيو وڃي، هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام هڻندڙ اڄ ڪنهن جي لاءِ ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ميڊيا جي اندر هڪ ڀونچال آهي، آئون ميڊيا جي توسط سان انهن پارٽين جي ليڊرن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته انهن خاندانن جو ڳٺ جوڙ ۽ هڪ ٻئي جا پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جي دعويٰ، هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جو نعرو ۽ هڪ ٻئي جي بيانيي سان گٿم گٿا ٻنهي سياسي پارٽين جي قيادت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ مصروف هئي، اڄ آخرڪار ان نوراڪشتي جي پڄاڻي ٿي.