لنڊن– 17 مئي (اي پي پي) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع وارم اپ ميچن جو سلسلو 24 مئي کان شروع ٿيندو. خبر مطابق آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع جي وارم اپ ميچن جو مرحلو 24 مئي کان شروع ٿيندو، 5 ڏينهن جاري رهڻ بعد 28 مئي تي پڄاڻيءَ تي پهچندو. بعد ۾ ورلڊ ڪپ 2019ع جو باضابطه آغاز 30 مئي کان ٿيندو. 24 کان 28 مئي تائين وارم اپ مرحلي ۾ روزانو 2 ميچ کيڏيا ويندا. 24 مئي تي پهريون وارم اپ ميچ پاڪستان ۽ افغانستان ٽيمن وچ ۾ برسٽل ۾ کيڏيو ويندو.