APP90-24 ISLAMABAD: April 24 - President Dr. Arif Alvi talking to Chairman Shura Council of Saudi Arabia Dr. Abdullah Mohammed Ibrahim Al-Sheikh who called on him. APP

اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ ورثي جي مضبوط بنياد تي قائم آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خوشگوار ۽ آزمايل دوستاڻا لاڳاپا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شوريٰ ڪائونسل آف سعودي عرب جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.