APP32-21 QUETTA: April 21 - Prime Minister Imran Khan offering Fateha for the martyrs of Hazar Ganji terrorist attack in a meeting with delegation of Hazara community in the provincial capital. APP

ڪوئيٽا – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هزار گنجي سانحي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي دلي افسوس آهي ۽ اهو انتهائي ظلم آهي، انساني جانين جو ڪو نعم البدل نه آهي، اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ هزاره برادري ۽ ٻين قومن جي شهيد ٿيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان هزار گنجي سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي چئي.