APP12-28 BEIJING: April 28 – Prime Minister Imran Khan and Chinese President Xi Jinping leading the respective delegations during their meeting. APP

بيجنگ – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ ان جي توسيع سان زراعت، صنعتي ترقي ۽ سماجي ۽ اقتصادي بهتري جي مختلف نون شعبن کي شامل ڪيو ويو آهي، بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ ملڪن جي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ گهڻ رخي رابطن کي سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڪيو.