APP49-24 ISLAMABAD: April 24 - President Dr. Arif Alvi addressing the convocation of COMSATS University. APP

اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي مقابلي جي لاءِ جديد ۽ مفيد تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ روزگار جي موقعن ۾ اضافي لاءِ مارڪيٽ جي گهرجن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جلد پنهنجو مقام ٺاهي وٺندو، سياحت جو شعبو تيزي سان فروغ وٺي رهيو آهي، يونيورسٽيون ۽ ٻيا تعليمي ادارا سياحت جي فروغ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. هن اها ڳالهه ڪامسيٽس يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي.