APP73-14 ISLAMABAD: April 14 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing a press conference along with Special Assistant to Prime Minister on Accountability Mirza Shahzad Akbar and Minister of State for Revenue Muhammad Hammad Azhar. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته احتساب جو عمل اڳتي وڌندو، بدعنواني جي خلاف جنگ سمورن طبقن جي جنگ آهي، سمورن ادارن ۽ طبقن کي وزيراعظم عمران خان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، مهانگائي، ڊالر جي قدر ۾ اضافو ۽ اسان جي ڪيترن ئي مسئلن جا ذميوار پاڪستان تي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ حڪومت ڪندڙ ٽي خاندان آهن، مني لانڊرنگ ذريعي ڦريل دولت ٻاهر موڪلڻ ۽ ان دولت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ منصوبو تخليق ۽ عمل ڪرڻ جي ذميواري اقتصادي هٽ مين اسحاق ڊار کي ڏني وئي. اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خصوصي معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مني لانڊرنگ جا جيڪي ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن ضروري آهي ته قوم جي آڏو حقيقتون رکيون وڃن.