لاهور – 02 اپريل (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز هارائڻ جو افسوس آهي پر ان سيريز ۾ ڪيترائي هاڪاري رخ سامهون آيا آهن جن سان ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ملندي. يو اي اي مان وطن واپسي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽيم اي هجي يا بي، اها ملڪ جي نمائندگي ڪندي آهي ۽ ٽيم جي شڪست ڏک جو سبب هوندي آهي، اسان کي هارائڻ کان نفرت آهي، رانديگرن کي کٽڻ لاءِ تياري ڪرائي ويندي آهي پر کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي.