گوهاٽي – 08 مارچ (اي پي پي) ڀارت ۽ انگلنڊ جي ويمن ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽونٽي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ (اڄ ) ڇنڇر تي گوهاٽي ۾ کيڏي ويندي .انگلنڊ جي ويمن ٽيم کي ميزبان ڀارت خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي .