ڪراچي – 16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام هيٺ پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) جو چوٿون ايڊيشن پڄائي جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويوآهي، فائنل (اڄ) آچر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ميچ پاڪستاني وقت مطابق شام 7 وڳي شروع ٿيندو.