APP79-26 ISLAMABAD: March 26 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain briefing the media persons about the decisions taken in Federal Cabinet meeting. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج، لاهور دهلي بس سروس جي 2024ع تائين توسيع، ايوي ايشن پاليسي 2019ع، 10 رڪني پاڪستان گروبندڪ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ، اسلام آباد ۾ ڊگهين عمارتن تي لاڳو پابندي هٽائڻ، سياحت جي فروغ لاءِ پرڏيهين کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃڻ جي لاءِ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ، پي ٽي اي ٽي بورڊ ۾ ٻن ميمبرن جي مقرري ۽ واجد علي کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم آفيس جي آڊيٽوريم ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاهور دهلي بس سروس ٻنهي ملڪن جي جدا ٿيل خاندانن کي ڳنڍڻ ۽ غريبن جو هڪ معياري سفر جو ذريعو آهي، 17 فيبروري 1999ع ۾ لاهور دهلي بس سروس شروع ٿي هئي ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ ان معاهدي جي تجديد ٿيندي هئي، 17 فيبروري 2019ع تي اهو معاهدو ختم ٿي ويو هو.