APP94-14 ISLAMABAD: March 14 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting to discuss power sector issues, at PM Office. APP

اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بجلي بابت معاملن ۽ بجلي جي باري ۾ مسئلن جي وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار افتخار دراني، توانائي بابت ٽاسڪ فورس جو چيئرمين نديم بابر ۽ توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن به شرڪت ڪئي.