شارجا – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستاني ٽيم جي وقتي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ کي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي هم وطن بيٽسمين جاويد ميانداد کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ وڌيڪ 3 رنسون گهربل آهن. ان ڳالهه جا چٽا امڪان آهن ته جمعي ڏينهن آسٽريليا خلاف پهرئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ جاويد ميانداد جو رڪارڊ ٽوڙيندو.