رياض – 04 مارچ (اي پي پي) سعودي عربين مانيٽري اٿارٽي چيو آهي ته پرڏيهين جنوري 2019ع دوران گذريل سال جي انهي مهيني جي مقابلي ۾ 6.1 سيڪڙو وڌيڪ رقم پنهنجي ملڪ موڪلي. سعودي عربين مانيٽري اٿارٽي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهين جنوري 2019ع دوران 11.024 ارب ريال پنهنجي ملڪ موڪليا.