اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بلاول ڀٽو جو ٽرين مارچ ابو بچائو ۽ ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي تحريڪ جي شروعات آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو جي ٽرين مارچ تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ ڪراچي کان دنيا جي پهرين ابو بچائو ٽرين مارچ جي شروعات ٿي آهي.