دبئي– 28 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام هيٺ پاڪستان سپر ليگ ٽي 20 ٽورنامينٽ جي چوٿين ايڊيشن ۾ (اڄ) جمعي تي ٻه ميچون کيڏيون وينديون. تفصيل موجب يو اي اي ۾ پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ليگ ۾ (اڄ) جمعي تي ٻه ميچون کيڏيون وينديون ۽ ان سلسلي ۾ پهرين ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽه گليڊي ايٽرز وچ م دبئي ۾ ئي کيڏي ويندي.