APP60-15 PESHAWAR: February 15 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding administrative and security measures taken for formerly FATA areas at Governor House. APP

پشاور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورنر هائوس پشاور ۾ نون ضلعن ۾ مسئلن جي نشاندهي ۽ حل ۽ عوام سان رابطي لاءِ قائم ايڊوائيزري ڪميٽي جو خصوصي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ايڊوائيزري ڪميٽي کي قبائلي ضلعن ۾ ماڻهن سان رابطي ۽ کين اعتماد ۾ وٺي حڪمراني جي موثر ۽ هڪجهڙي نظام جي قيام جي هدايت ڪندي چيو ته نون ضلعن جي تيز تر نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ مسئلن جي بروقت نشاندهي ڪئي وڃي.